شير شاهه

شير شاهه: ناليواري صوفي راڳي شير شاهه ڳوٺ جسڪاڻي تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ آهي. سندس وڏا ملتان جا رهاڪو هئا. شير شاهه جو ڏاڏو شير شاهه ‘بلبل پنجاب’ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ پنهنجي وقت جو ناليوارو راڳي ٿي گذريو آهي. شير شاهه، سچل سرمست جي درگاهه جو راڳي آهي. هن راڳ جي سکيا استاد گلزار علي خان عنايت علي فقير ۽ شرافت علي خان ۽ عنايت علي فقير کان حاصل ڪئي. شير شاهه کي ريڊيو تي متعارف شوڪت علي خاصخيليءَ ڪرايو. سندس ڪيترائي صوفياڻا ڪلام ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. هن کي ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ سچل اوارڊ، روحل فقير اوارڊ، لطيف يونيورسٽيءَ طرفان ‘بهترين راڳي’ اوارڊ، لوڪ ورثا طرفان ‘بهترين فنڪار اوارڊ’ قابل ذڪر آهن.


لفظ شير شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو